پنهور حاجي خان

پنهور، حاجي خان: استاد حاجي خان پنهور، 11 جون 1917ع تي ڳوٺ محمد يعقوب پنهور، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. پرائمري اسڪول نوان جتوئيءَ مان چوٿين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد مٺياڻيءَ هاءِ اسڪول (ممبئي يونيورسٽيءَ سان ملحق) مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. حاجي خان جڏهن انگريزي ٻيو درجو پڙهندو هو، ته سندس والد گذاري ويو. غريب هئڻ ڪري مئٽرڪ کان مٿي پڙهي نه سگهيو. ان دور ۾ خانبهادر حاجي امام بخش خان جتوئي، ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو صدر هو، جنهن کيس 1936ع ۾ اي. پي ڪلاس تنيا ۾ استاد مقرر ڪرايو. جنهن بعد ڪيترن ئي اسڪولن جي اي. پي ڪلاسن ۾ پڙهائيندو رهيو. جڏهن درٻيلي ۾ مڊل اسڪول قائم ٿيو ته کيس اتي بدلي ڪري رکيو ويو. مشهور سياستدان سيد ظفر علي شاهه به وٽس پڙهيو آهي. 1948ع ۾ مڊل اسڪول موري جو هيڊماستر ٿيو. 1951ع ۾ ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ اي. پي ڪلاس کليو ته اتي انگريزي ماستر مقرر ٿيو. اهو اسڪول 1953ع ۾ مڊل اسڪول ٿيو ته اتي هيڊماستر ٿيو. ان کان پوءِ موري ۽ مٺياڻي مڊل اسڪولن، درٻيلي ۽ سڪرنڊ هاءِ اسڪولن ۾ هيڊماستر ٿيو. سڪرنڊ ۾ ملازمت دوران بي. اي پاس ڪيائين. ان بعد هالاڻي ۽ نوان جتوئي هاءِ اسڪولن ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ٿيو. 1975ع ۾ 58 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو. هوميوپيٿي ۽ ايليوپيٿيءَ ۾ مهارت رکندو هو. بيڪري (ڪنفيڪشنري) جو هنر به ڄاڻندو هو. سندس ڪيترا شاگرد نمايان عهدن تي پهتا، جن ۾ ڪئپٽن ڊاڪٽر بشيرالدين، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، سيد غلام محي الدين شاهه، قاضي فيض محمد ۽ محمد حسين ’فدا‘ خاصخيلي اهم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.06.11  عيسوي

استاد حاجي خان پنهور، 11 جون 1917ع تي ڳوٺ محمد يعقوب پنهور، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي اڪبر شاهه
فقير محمد جعفري
راءِ بهادر شيوارام
شاهه احمد نوراني
ساهو مل موتي رام نگاڻي
حافظ شفيع محمد محمدي
غلام حسين انڙ حاجي
راءِ گنگاجر جکرو
سلطان محمد مهردار
ڌڻيءَ پرتو سميجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون